English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي
9 views
|
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
دستوري گڏجاڻي سڪندر سرواڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ناليواري ليکڪ سڪندر سرواڻ جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي، جنهن ۾ شاعرن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي نڪور تخليقون پيش ڪيون جڏهن ته سيد غفور شاهه تقوي، قمبر ٻُٽ، اصغر مهرائي، مجيب سنڌي، مظهر حسين وريائي، امرتا ڏاهري، پنهل پياسي، عبدالغفار عبد ۽ نياز شاهه پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي، ان موقعي تي سڪندر سرواڻ ڪهاڻي پيش ڪئي، جڏهن ته سامي ميمڻ، ظهير ڏاهري، عنايت علي شاهه، برڪت علي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، صدارتي راءِ ڏيندي سڪندر سرواڻ چيو ته اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ اعليٰ معيار جي شاعري پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ سماجي اڻ برابري، ناانصافين خلاف مزاحمت، حب الوطني ۽ مجازي رنگن کي خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو، هن چيو ته نوجوان تخليقڪارن کي پنهنجي ديس، ٻولي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ شعوري ۽ ادبي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پنهنجي ادبي سفر ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ سمورا ميمبر پنهنجي ذميوارين کي خوش اسلوبي سان نڀائي رهيا آهن، گڏجاڻي دوران سيڪريٽري مجيب سنڌي ٻه اهم قراردادون پيش ڪيون، جيڪي متفقه طور منظور ڪيون ويون. پهرين قرارداد ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي شاگردن ۽ استادن تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته تعليمي ادارن ۾ تشدد ۽ حملن جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اهي علمي ماحول لاءِ هاڃيڪار آهن، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ پرامن ماحول قائم رکڻ رياست جي ذميواري آهي، ٻي قرارداد ۾ سينئر صحافي عبداش پنهور، راڳي بادل راهي، طفيل سنجراڻي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ميمبر ۽ شاعر حنيف گلڙي، ۽ شاعر جانب کوسو جو سرڪاري خرچ تي معياري اسپتالن مان مڪمل علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان کان اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس نوجوان شاعر قمبر ٻُٽ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گڏيل راءِ سان سينئر شاعر پنهل پياسي جي درخواست منظور ڪندي کيس شاخ جي ميمبرشپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، صدارتي راءِ ڏيندي قمبر ٻُٽ چيو ته جن ميمبرن کي ذاتي مجبوريون درپيش آهن، انهن سان تنظيمي روايتن موجب نرمي اختيار ڪئي وڃي، جڏهن ته جيڪي ميمبر بنا جواز مسلسل غير حاضر رهن ٿا، تن کي آئين مطابق نوٽيس جاري ڪيا وڃن،نهن چيو ته جيڪڏهن اهڙا ميمبر نوٽيسن باوجود ڪو جواب نه ڏين ته سندن ميمبرشپ ختم ڪرڻ بابت آئيني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jul 2026
•
پاکستان
سربرینیتسا نسل کشی انسانیت کے ضمیر پر ایک ناقابلِ فراموش داغ ، پاکستان بوسنیا کے ساتھ کھڑا ہے: بیرسٹر عقیل ملک
12th Jul 2026
•
تازہ ترین
کچھ بھی ہو جائے، سپریم لیڈر اور دیگر شہداء کے خون کا بدلہ ضرور لیا جائے گا: مجتبیٰ خامنہ ای
12th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکہ نے ایران کے قریب دو طیارہ بردار جنگی بحری جہاز تعینات کر دیے
12th Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران نے کہا ہے کہ بات چیت کریں، میں نے بھی ہاں کر دی: ڈونلڈ ٹرمپ
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۾ هٿياربند ڌاڙو، گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪروڙين روپين جو سون ۽ روڪ رقم ڦر
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
وزيراعظم شھباز شريف سان ايم اين اي اياز شاھھ شيرازي جي ملاقات
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: رام نگر ۾ سبمرسبل پمپ اسڪيم تي ڪم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏجاڻي
0 تبصرے