سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

بدين، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، سجاول ۽ ٻين شهرن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، بدين، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، سجاول ۽ ٻين شهرن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، سجاول ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي صحت کاتي مان پي پي ايڇ آئي ۾ ضم ڪرڻ واري تجويز خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين جي سڏ تي سجاول ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز شرڪت ڪري حڪومت کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي اڳواڻ حليمان لغاري جي سڏ تي پوري سنڌ جيان سجاول ۾ بہ ضلعي صدر ڪنيز بتول خواجہ، نائب صدر فاطمہ سوهو، جنرل سيڪريٽري خيرالنساءِ شورائي، سرهيہ خواجہ، ماروي، سلمان ڀان ۽ رضيہ سمون جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز کي صحت کاتي مان پي پي ايڇ آئي ۾ ضم ڪرڻ خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز اڳواڻن چيو تہ ليڊي هيلٿ ورڪرز 1994ع کان ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ گهر گهر وڃي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، پوليو ويڪسينيشن، حفاظتي ٽڪن، خانداني منصوبابندي ۽ ٻين بنيادي صحت جي خدمتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هنن چيو تہ هي پروگرام اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جي عوام دوست سوچ جو اهم حصو هو، جنهن جو مقصد غريب ۽ پٺتي پيل علائقن تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ هو. اڳواڻن چيو تہ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي صحت کاتي مان ڪڍي پي پي ايڇ آئي ۾ ضم ڪرڻ وارو فيصلو ملازمن سان ناانصافي ۽ عوامي صحت واري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. هنن چيو تہ حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سروس اسٽرڪچر، نوڪري جي تحفظ ۽ ٻين جائز حقن کي يقيني بڻائي. اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفہ ڀٽو زرداري کي اپيل ڪندي چيو تہ شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جي شروع ڪيل هن اهم فلاحي منصوبي کي برقرار رکيو وڃي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پي پي ايڇ آئي ۾ ضم ڪرڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. ھنن خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبن تي عمل نہ ڪيو تہ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندي بلاول هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. ٻي طرف عمرڪوٽ ۾ هيلٿ کاتي سان لاڳاپيل ليڊي هيلٿ ورڪرن نجڪاريءَ خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي نسرين کوسو، زينب سميجو، رشيدان ساند ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن شرڪت ڪري حڪومت کان نجڪاريءَ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، مظاهرين چيو ته هو گذريل 25 سالن کان هيلٿ کاتي ۾ سرڪاري ملازم طور ايمانداري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن، پر هاڻي کين پرائيويٽ اداري پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جو فيصلو سراسر ناانصافي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن چيو ته ڪورونا وبا، پوليو مهم، ويڪسين مهم سميت هر هنگامي صورتحال ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن فرنٽ لائين تي رهي عوام جي صحت جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هاڻي انهن کي نجڪاريءَ ذريعي غير يقيني صورتحال ۾ ڌڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ورڪرن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي سندن خدشا ختم ڪيا وڃن، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو پوليو ۽ ويڪسين مهمن جو بائيڪاٽ ڪندي بلاول هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.بدين ۾ سوين ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو پي پي ايڇ آئي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعري بازي، فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، آل سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي ضلع صدر رخسانه جمالي، خالده جمالي ، خديجه جمالي زبيده خانم ،فخر النساء ، راڻي گل بانو، نظير خاتون، جي اڳواڻي ۾ سوين ليڊي ھيلٿ ورڪرز ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان آل سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر حليم لغاري جي سڏ تي اڄ ھتي گڏ ٿيا آھيون، ھنن چيو ته ليڊي ھيلٿ ورڪرز پنھنجون زندگيون ھٿيلي تي کڻي ڪيترن ئي سالن کان سردي گرمي توڙي برساتن ۾ سنڌ جي ڏوراھن علائقن ۾ پھچي ماء ۽ ٻار جي وئڪسين ڪرڻ سميت پوليو ۽ ڪرونا جھڙن خطرناڪ موضي مرضن سان مقابلو ڪريون ٿا، پر نا اھل انتظاميه ۽ گھٽ عقل وارا پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاء اسان کي پي پي ايڇ آئي pphi ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اسان کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، ھنن چيو ته اڄ کان اسان پنھنجي سينٽرن کان احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو اگر فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اسان ھزارين ليڊي ھيلٿ ورڪرز گڏ ٿي آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر حليمه لغاري جي اڳواڻي ۾ بلاول ھائوس اڳيان تاريخي ڌرڻو ھڻنداسين، ٻئي صورت ۾ هي فيصلو واپس ورتو وڃي جيڪب آباد ليڊي هيلٿ ورڪرز جو صحت کاتي جي ملازمن کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ماجده سومرو نورجهان وڳڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو نعريبازي ڪئي وئي، ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو چوڻ ھو تھ ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت ٻين ملازمن کي پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ڪيو وڃي ٿو ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻيا ملازم صحت کاتي ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن اسان ڪنهن به ريت پي پي ايڇ آءِ جي نگراني هيٺ ڪم نه ڪنداسين حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس واپس وٺڻ گهرجي.