ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياسي، سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانڊيو سان سانجھ سنڌ فورم طرفان بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري سچل ڳوٺ ۾ هڪ باوقار رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي اڳواڻن، قومپرست ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران مقررن ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانڊيو جي سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ قومي حقن لاءِ ڪيل ڊگهي جدوجهد تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي صدارتي مهمان امير چانڊيو چيو ته ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانڊيو پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ جدوجهد ۾ گذاري آهي هن چيو ته اڄ جڏهن سنڌ کي پاڻي، زمين ۽ وسيلن جي حوالي سان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تڏهن عبدالڪريم چانڊيو جهڙا بيباڪ ۽ بااصول ماڻهو قوم لاءِ حوصلي ۽ راهنمائي جو سبب آهن سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي امان الله شيخ چيو ته پنهنجي نظريي تي ثابت قدم رهڻ ۽ هر دور ۾ سچ ڳالهائڻ وڏي همت جي ڳالهه آهي هن چيو ته ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانڊيو ڪڏهن به ذاتي مفادن جي سياست نه ڪئي، پر هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو جسقم جي الاھي بخش بڪڪ چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سياسي ۽ سماجي قوتن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي هن چيو ته عبدالڪريم چانڊيو جهڙا ماڻهو قومي تحريڪ جو اثاثو آهن، جن پنهنجي عملي جدوجهد سان نوجوانن لاءِ مثال قائم ڪيو آهي سانجھ سنڌ جي اياز هڪڙو چيو ته سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي حلقن کي گڏجي سنڌ جي بقا، ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي علي مستوئي چيو ته قومن جي ترقي لاءِ سچن ۽ نظرياتي ماڻهن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو آهي حافظ محمد صديق ميمڻ چيو ته سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هتي جي باشعور ماڻهن هر دور ۾ پنهنجي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ عبدالڪريم چانڊيو به ان جدوجهد جو اهم ڪردار رهيو آهي ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانڊيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ کي درپيش مسئلن جو حل گڏيل جدوجهد ۽ شعوري سياسي عمل ۾ موجود آهي هن چيو ته سنڌ جي وسيلن، پاڻي، زمينن ۽ نوجوانن جي مستقبل تي ٿيندڙ وار برداشت نه ڪيا ويندا هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي بدران اتحاد، شعور ۽ تنظيم سان اڳتي وڌڻو پوندو، ڇو ته قومن جي بقا مسلسل جدوجهد سان ئي ممڪن بڻجي ٿي تقريب کي حريف چانڊيو، اي جي پي جي ڪريم چانگ، سگا اڳواڻ سليمان وساڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0 تبصرے