فوت ٿيلن ۾ ضياءُ الله پٺاڻ، نور محمد پٺاڻ، عرفان الله پٺاڻ ۽ سائينداد ڀٽي شامل
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي جي جھرڪ شھر ڀرسان ميٽنگ ريلوي اسٽيشن وٽ ڪوئلي جي هڪ کاڻ ۾ چار مزدور دٻجي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته پنج مزدور زخمي ٿي پيا آهن۔ فوت ٿيلن جا نالا ضياءُ الله ولد عبدالرحمان پٺاڻ، نور محمد ولد ياور خان پٺاڻ، عرفان الله ولد شير رحمان پٺاڻ ۽ سائينداد ولد قاسم ڀٽي آهن۔ جڏهن ته زخمين ۾ محمد حسين ولد ياسين خان پٺاڻ، نجيب الله ولد محمد سعيد پٺاڻ، ملڪ زاده ولد بخت زاده پٺاڻ، نعمت الله ولد بضروز پٺاڻ ۽ گل حسن ولد اڪو ببر شامل آهن۔ واضح رهي ته ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ نه ڪا سيفٽي آهي ۽ نه ئي محفوظ ماحول مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هن کان اڳ به هن علائقي ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن، جن ۾ ڪيترن ئي غريب مزدورن جون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن۔ پر حڪومت، منرل اينڊ مائنز ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا طرفان نه ڪو عملي قدم کنيو ويو آهي ۽ نه ئي مزدورن لاءِ حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ٻيهر هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي۔
0 تبصرے