شاگردن ۽ علائقي واسين ۾ ڳڻتي جي لھر، تدريسي عمل بند پيل، سوين شاگردن جو مستقبل خطري۾
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج جي عمارت تي ايس ايس يو پوليس جي مبينا قبضي جو انڪشاف ٿيڻ بعد شاگردن ۽ علائقي واسين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته تدريسي عمل پڻ متاثر ٿيڻ سبب سوين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي ان ڏس ۾ رازق آباد ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حاجي گبول، ولي محمد گبول، ملير جدوجهد ڪميٽي جي اقبال ڪلمتي، جساف ملير جي صدر وهاب گبول ۽ ٻين سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد علائقي جو واحد فني تعليمي ادارو آهي جتي رزاق آباد سميت ٻهراڙين جا سوين شاگرد ٽيڪنيڪل شعبي ۾ هنري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ڪاليج انتظاميا کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس يو انتظاميا ڪجهه ڏينهن لاءِ خانگي ڪمپنين جي گارڊن کي ٽريننگ ڏيڻ خاطر ڪاليج جا ٻه ڪمرا ورتا هئا پر هاڻي پرنسپال آفيس کانسواءِ ڪاليج جي سمورن ڪلاس رومن تي قبضو ڪيو ويو آهي هنن دعويٰ ڪئي ته عمارت کي پنهنجي ملڪيت ظاهر ڪرڻ لاءِ ان کي رنگ روغن پڻ ڪرايو ويو آهي اڳواڻن الزام هنيو ته اهو سمورو عمل پوليس کاتي جي هڪ بااثر ڪاموري ۽ تعليم کاتي جي ڪجهه آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اڳ ئي علائقي ۾ ھنري تعليمي ادارن جي کوٽ آھي بجائي ھنري تعليمي کي ھٿي ڏيڻ جي سرڪاري ادارا ئي مٿن قبضا ڪري رھيا آھن جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تان ايس ايس يو پوليس جو مبينا قبضو ختم ڪرائي تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي ۽ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي..
0 تبصرے