سھراب ڳوٺ جي ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ ۾ مائرن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سھراب ڳوٺ ٽائون جي يوسي 7 ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ ۾ ھر سال جيئان ھن سال به 10 مئي مائرن جي عالمي ڏينهن تي بھار فائونڊيشن پاران عظيم رشتي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر قربان علي ڏاھري ، ڊاڪٽر عبدالرزاق جمعه ، ڊاڪٽر طيبه رحمان ،ڊاڪٽر ياسمين ، ڊاڪٽر خديجه ۽ محمد سچل وڌو جن ماءُ جي عظمت کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ت ماءُ رڳو ھڪ ڏينھن لاء ن پر پوري زندگيءَ جي رحمت آھي ، ماءُ جيڪا پاڻ گرمي سھي اولاد کي ٿڌڙي ڇانوَ ڏئي ٿي ھوءَ پنھنجون خواھشن کي قربان ڪري پنهنجي ٻارن جو مستقبل سنواري ٿي ، ماءُ بي مثال آھي ان جو ڪوئي ثاني ناھي ، بھار فائونڊيشن جو چيئرمين محمد سچل وڌو چيو ته ماءُ قدرت جو اھو خوبصورت تحفو آهي جنھن جو ڪوب مثال ناھي ، شھر جي مائرن کي شايد سهولتون ملن ٿيون پر ڳوٺن ۾ رھندڙ انھن علائقن جون مائرون پنھنجو مثال پاڻ ھونديون آھن ، الله سائين ماءُ جي عظيم قرباني جي سبب جنت سندس جي قدمن ھيٺ رکي آھي ھي خوبصورت ۽ جذباتي تقريب لڙڪن ، مرڪن ، دعائن ۽ ماءُ جي لازوال محبت جي احساس سان پڄاڻي تي پھتي
0 تبصرے