نوشهروفيروز ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ڊي سي محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي روحل کوسو پاران ريلي جي اڳواڻي

نوشهروفيروز ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

نوشھرو فيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي روحل خان کوسو جي اڳواڻي ۾ “معرڪہ حق آپريشن بنيان مرصوص” جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش. نوشھرو فيروز جي ضلعي انتظاميه پاران “معرڪہ حق آپريشن بنيان مرصوص” جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز روحل خان کوسو جي اڳواڻي ۾ آئي بي اي ڪميونٽي ڪالج کان مٺياڻي روڊ تائين هڪ شاندار ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر هئا، جن تي پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا درج هئا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن طرفان پاڪستان زندہ باد ۽ پاڪ فوج زندھ باد جا نعرا پڻ هنيا ويا. ريلي جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سيلم چيو ته “معرڪہ حق آپريشن بنيان مرصوص” قومي اتحاد، بهادري ۽ عزم جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي پيشه ورانه مهارت ۽ قربانين سان ملڪ جو دفاع يقيني بڻايو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته هن ريلي جو مقصد پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج “معرڪہ حق آپريشن بنيان مرصوص” ذريعي دشمن کي تاريخي شڪست ڏني، جنهن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته هن ڪاميابي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي.هن شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن. ريلي جي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.