اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق جي صدارت هيٺ درٻار هال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي سميت ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ ضلعي ۾ جاري سماجي ۽ فلاحي سرگرمين، اين جي اوز جي ڪارڪردگي ۽ هلندڙ منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي مختلف اين جي اوز جي نمائندن پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اين جي اوز معاشرتي ترقي ۽ عوامي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ايندڙ پوليو مهم دوران سندن سهڪار وڌيڪ اثرائتو ۽ منظم انداز ۾ هئڻ گهرجي هن سڀني اين جي اوز جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم دوران انتظاميا سان مڪمل سهڪار کي يقيني بڻائين ۽ هن قومي فرض ۾ ڀرپور حصو وٺن، جيئن ضلعي ۾ پوليو مهم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجي۔ ھن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ فلاحي ادارن جي گڏيل سهڪار سان پوليو جي خاتمي واري قومي مشن کي هر صورت ۾ ڪامياب بڻايو ويندو۔
0 تبصرے