سجاول ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ڊي سي هائوس کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي

سجاول ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي کي سال پورو ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن جي طرفان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن جي قيادت ۾ معشوق علي خواجه پرنسپل جاتي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ضلع سجاول سيد نياز احمد شاھ ٽي اي او هائر سيڪنڊري تعلقه سجاول سميت ايجوڪيشن جا اعلي آفيسرن ٽائون ڪميٽي سجاول ۽ سول سوسائٽي جي طرفان ڊي سي هائوس کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي عبدالرشيد ميمڻ , شاد رزاق ميمڻ , گلڻ مستانو , عبدالغني سھتو ۽ عبدالحميد کٽي چيو ته بنيان مرصوص جي ڪاميابي پاڪ فوج طرفان امن جي دشمن هندستان مودي سرڪار کي منھن ٽوڙ جواب ڏيندي هندستان جي فوج جا 7 رائفل جھاز سندن ملڪ اندر گھڙي ڪري ڪيرائي تباه ڪيا جنهن جو مثال هن وقت دنيا ڏيئي رهي آهي ته پاڪستان فوج دنيا جي هڪ طاقتور فوج آهي ۽ پاڪستاني فوج جي سربراھ فيلڊ مارشل عاصم منير کي پوري دنيا هن وقت طاقتور ۽ امن سربراھ پڻ سڏي رهي آهي ۽ هاڻ هندستاني حڪومت مودي سرڪار بنيان مرصوص کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکندي ته مسلمانن جو جذبو شھادت سان گڏيل آهي پاڪ فوج جا جوان هميشه شھادت کي ترجيح ڏيندي ملڪ جي لاء قربانيون ڏنيون آهن پاڪ فوج پاران ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوء مودي سرڪار تي پوري دنيا کلي رهي آهي پاڪ فوج هندستان حڪومت جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا پاڪستاني عوام هميشه پاڪ فوج سان گڏ رهي آهي ۽ پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ هيا ويا