ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي پاران معرڪه حق جي تاريخي فتح جي حوالي سان ريلي

ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي پاران معرڪه حق جي تاريخي فتح جي حوالي سان ريلي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽو جي ڪارڪنن پاران “معرڪه حق” جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ قومي جذبي جي اظهار لاءِ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن، نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽو جي صدر ۽ ايم اين اي صادق علي ميمڻ جي هدايتن تي منعقد ڪيل ريلي ٽريفڪ چوڪي کان شروع ٿي ٺٽي جي مين رڪشا چوڪ تائين پهتي، جنهن دوران شرڪت ڪندڙ پاڪستان جا قومي جهنڊا کڻي پاڪ فوج جي حق ۾ زبردست نعريبازي ڪندا رهيا۔ ريلي جي اڳواڻي عزيز ميمڻ، آفتاب ميمڻ، ذوالفقار علي ميمڻ، محمد خان ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ، مظھر ميمڻ ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته نوجوانن قومي لباس پهري ريلي ۾ جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو ته هڪ سال اڳ دشمن ملڪ ڀارت پاران پاڪستان خلاف بزدلاڻي جارحيت جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو پاڪ فوج پنهنجي بهادري، پيشاورانه صلاحيت ۽ مضبوط دفاعي حڪمت عملي سان ڀرپور جواب ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪئي۔ مقررین چيو ته چيف آف ڊفينس فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج نه صرف سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي، پر ملڪ جي بقا، خودمختياري ۽ وقار لاءِ هر وقت فرنٽ لائن تي بيٺل آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوام پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، ۽ پيپلزپارٽي هميشه قومي سلامتي، استحڪام ۽ پاڪ فوج جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي رهي آهي۔ ريلي دوران پاڪ فوج، پاڪستان جي سالميت ۽ قومي اتحاد جي حق ۾ زبردست نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون۔