English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ قتل ڪيل ٿرواسي پورهيت وينهيون سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عمرڪوٽ ۾ احتجاج
268 views
|
08th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) ڪراچي ۾ هڪ هفتو اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل ٿرواسي پورهيت وينهيون سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ ٻاهران وارثن، شهرين ۽ سماجي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران سخت نعريبازي ڪندي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي هوندو سميجو، خدابخش سميجو، بائيخان سميجو، عبدالحڪيم، علي محمد سميجو ۽ ٻين ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڪراچي جي وچ بازار ۾ پورهيت وينهيون سميجو کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جنهن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هنن الزام لڳايو ته هر مهيني ڪراچي ۾ روزگار خاطر ويل ڪنهن نه ڪنهن ٿرواسي پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن منظم سازش کان گهٽ ناهي، مظاهرين وڌيڪَ چيو ته مقتول وينهيون سميجو پنهنجي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد هو، سندس بيگناهه قتل سان نه صرف خاندان مٿان ڏک جو جبل ٽٽي پيو آهي، پر سندس معصوم ٻچڙا پڻ يتيم ٿي ويا آهن، هنن چيو ته واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سبب وارثن ۽ علائقي واسين ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ پوليس، گهرو وزير سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وينهيون سميجو
ڪراچي ۾ ٿر واسي قتل
ڪراچي ۾ قتل ڪيل ٿرواسي پورهيت وينهيون سميجو
0 تبصرے