سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن پاران ڪاليج کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔ ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سر محمد حسن ڀٽي، سر افتخار حسين شاهه، عبدالرشيد ميمڻ، سر الهبچايو ميمڻ ۽ سر اصغر لغاري چيو ته آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي پاڪ فوج جي پيشاوراڻين صلاحيتن ۽ بهادري جو چٽو ثبوت آهي۔ هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن۔ مقررن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين ۽ مضبوط فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ان جي قيادت کي عالمي سطح تي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو۔ هنن چيو ته پاڪستاني قوم هر ڏکئي گهڙي ۾ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ اڳتي به ڀرپور ساٿ ڏيندي۔ ريلي دوران شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا، جڏهن ته ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون۔ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي خوشي ظاهر ڪندي مٺايون پڻ ورهايون ويون۔
0 تبصرے