مولانا غلام حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي
سجاول (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام تعلقي سجاول جي طرفان جي يو آءِ جي مرڪزي شوريٰ جي ميمبر شيخ الحديث مولانا ادريس جي بي رحماڻي قتل خلاف قاتلن جي فوري گرفتاري لاءِ مولانا غلام حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو۔ مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا غلام حسين ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ بدامني جي باهه ڏينهن به ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ عوام پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي۔ هن چيو ته حڪمران عوامي مسئلن کان لاتعلق ٿي صرف پنهنجن مفادن ۽ عياشين ۾ مصروف آهن، جنهن سبب مهانگائي ۽ بدامني عروج تي پهتل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن ملڪ ۾ ظلم، ناانصافي ۽ بدامني خلاف هميشه آواز بلند ڪندا رهندا۔ هن اعلان ڪيو ته 14 مئي تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ “وحدتِ امت ڪانفرنس” ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندو۔ مظاهري کي مولانا عبدالرزاق کٽي، مولانا اشرف ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ۽ مولانا ادريس جي قاتلن جي جلد گرفتاري جو مطالبو ڪيو۔
0 تبصرے