رياض حسين شاھ شيرازي پاران شيرازي ھائوس ٺٽو تي متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ قائم

رليف ڪيمپ ۾ متاثرين کي کاڌ، خوراڪ سميت سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن: رياض حسين شاھ شيرازي

رياض حسين شاھ شيرازي پاران شيرازي ھائوس ٺٽو تي متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ قائم

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سڄي زندگي عوام جي خدمت ڪندي گذاريندڙ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي فرزند وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پاران شيرازي ھائوس ٺٽو تي امڪاني سامونڊي طوفان جي خطري سبب متاثر ٿيل ساحلي پٽي جي متاثرين لاءِ رليف ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي، جتي متاثرين کي کاڌ، خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت سميت ھر ضرورت جي سھوليت فراھم ڪري انھن جي خدمت لاءِ پنھنجي طرفان ملازمن کي بہ مقرر ڪيو ويو اھي، جيڪي انھن ھي خدمتن ۾ مصروف بڻيل آھن، ھن قائم ڪيل ڪئمپ جي نگراني ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پاڻ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ ھو تہ ھو ھن ڏکئي وقت ۾ ساحل واسي سمورن متاثرين سان گڏ اھي، کين ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏيو ويندو، ھن چيو تہ ھو بہ پنھنجي وڏڙن جي نقش قدم تي ھلندي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل اھي، ھن چيو تہ سمورن متاثرين جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ کين اسان سميت ضلعي انتظاميہ ٺٽو توڙي سنڌ حڪومت بہ سندن مدد ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل اھي، الله پاڪ کان دعا اھي تہ ساحل واسين کي ان خطري کان پناھ ۾ رکي. سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ سامونڊي طوفان کان اڳ ۾ برساتن جو بہ سلسلو جاري ٿي ويو اھي، عوام کي گھرجي تہ ھو احتياط کان ڪم وٺي پنھنجي حفاطت جو مناسب بندوبست ڪن، جيئن ھو امڪاني نقصان کان بہ بچي سگھن.