English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ جوڳي موڙ واسڻ بيواهه عورت جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش
277 views
|
07th May 2026
•
سنڌي خبرون
رامي زال پونجا پاران زمين تي مبينا قبضي ۽ ڌمڪين خلاف ڊي سي کي درخواست ڏئي انصاف جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نيشنل هاءِ وي ملير جي علائقي جوڳي موڙ جي رهواسڻ عورت رامي زال پونجا پنهنجي زمين تي مبينا قبضي ۽ ڌمڪين خلاف ڊپٽي ڪمشنر ملير کي درخواست ڏئي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.درخواستگذار عورت رامي موجب هوءَ هڪ غريب ۽ بيواهه عورت آهي، جنهن لڳ ڀڳ ڏهه سال اڳ پنهنجا زيور وڪڻي 70 هزار رپين ۾ زمين خريد ڪئي هئي ته جيئن پنهنجي ٻارن لاءِ رهائش جو بندوبست ڪري سگهي. هن ٻڌايو ته جڏهن هوءَ پنهنجي زمين تي گهر تعمير ڪرائڻ لاءِ پهتي ته ترسيا، شامہ، مريا ۽ جيٺا نالي ماڻهن کيس زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.بيواهه عورت موجب جوابدار کيس چون ٿا ته “ٻه لک رپيا وٺي زمين ڇڏي ڏي”، پر هوءَ پنهنجي زمين تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هن الزام هنيو ته بااثر ماڻهو سندس مجبوري جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ کيس هراسان ڪيو پيو وڃي. عورت رامي وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ٻه پٽ آهن، جن مان هڪ گردن جي بيماري ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته ٻيو نشي جي عادت ۾ گرفتار آهي، جنهن سبب هوءَ سخت پريشانين ۽ تڪليفن واري زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته وٽس نه ڪو سهارو آهي ۽ نه ئي قانوني ويڙهه وڙهڻ جا وسيلا آهن.متاثر عورت ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس زمين تان قبضو ختم ڪرائي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ جوڳي موڙ واسڻ بيواهه عورت ج
0 تبصرے