جسقم پاران ڌارين جي آبادڪاري، مغوين جي بازيابي لاءِ ميرپورماٿيلو ۾ ڌرڻو

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري ۽ بدامني جي مذمت ڪريون ٿا: صنعان قريشي

جسقم پاران ڌارين جي آبادڪاري، مغوين جي بازيابي لاءِ ميرپورماٿيلو ۾ ڌرڻو

ڏهرڪي (نويد چغتائي) سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ خلاف، معصوم پريا ڪماري،عظيم مينڻڪ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جسقم جي سڏ تي ميرپورماٿيلو ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي ريلي ھڪ سازش تحت ڌاڙيل ڪلچر کي طاقتور بڻائي غريب عوام کي اغوا ڪرڻ بعد تذليل ڪري ڀنگ وٺڻ وارو عمل انتھائي ناسور بڻجي چڪو آهي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو ريلي کي خطاب ، تفصيل موجب ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ، ڊجيٽل آدمشماري ، بد امني لاقانونيت ڌاڙيل راڄ خلاف ، ء معصوم پريا ڪماري عظيم ميڻڪ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ گزريل ڏينھن سنڌ ھائوس گڻگي تان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي فقير رمضان ڪلوڙ امجد مهيسر اشرف ڪلھوڙو مير حسن لاشاري نصر الله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن تان ٿيندي ڀٽائي چوڪ ميرپور ماٿيلو پھتي جتي ڪارڪنن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي جڏھن ته ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڪارڪنن موجودہ حڪومت خلاف ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري نامنظور جا نعرا هنيا ان سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن ھڪ گھري سازش تحت قبيلائي دھشتگردي ڌاڙيل راڄ بد امني پکيڙي سنڌين جو قتل عام ۽ سنڌين کي ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي جيئن ھو آساني سان سنڌين جا حق غضب ڪري سگھن ان صوفين بزرگن جي سنڌ ڌرتي تي ڌاڙيل ڪلچر کي طاقتور بڻائي غريب عوام کي اغوا ڪرڻ بعد تذليل ڪري ڀنگ وٺڻ وارو عمل انتھائي ناسور بڻجي چڪو آهي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائي امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو مرحليوار احتجاج جو سلسلو جاري رھندو،