سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

حيدرآباد، شڪارپور، نوابشاهه، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، حيدرآباد، شڪارپور، نوابشاهه، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي عمل ڪندي، سڄي ملڪ جيان ضلعي شڪارپور ۾ پڻ يومِ تشڪر جي حوالي سان ھڪ شاندار ۽ پُرجوش ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب، اڄ ضلعي انتظاميه پاران يوم تشڪر جو ڏھاڙو ضلعي ڪائونسل آفيس شڪارپور کان ريلي جي شروعات ڪئي وئي، جيڪا شھر جي مختلف اهم رستن مان گذرندي مقرر ٿيل هنڌ تي پهتي۔ ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻھن وڏي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان سان محبت ۽ وفاداري جو اظهار ڪيو ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان زندہ باد، پاڪ آرمي زندہ باد، يومِ تشڪر ۽ بنيان المرصوص جا پينافليڪس، پلي ڪارڊز ۽ قومي جھنڊا ھٿن ۾ ھئا۔ شرڪت ڪندڙن طرفان زوردار نعرا ھنيا ويا ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو خطاب ڪندي چيو تہ پاڪ فوج جي بهادري، پيشاورانه صلاحيتن ۽ بي مثال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ اسان سڀني جي قومي ذميواري آھي۔ يومِ تشڪر جو مقصد قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ بنيان المرصوص جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ آھي۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ پاڪستان جي فوج ھر محاذ تي ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ ڪنھن به دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي سگھ رکي ٿي۔ اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آھي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ افواج پاڪستان ھميشه وطن جي حفاظت لاءِ پنھنجون قيمتي جانيون قربان ڪيون آهن ـ پاڪستان ھڪ امن پسند ملڪ آھي، جيڪو هميشه امن، استحڪام ۽ ترقي کي اوليت ڏئي ٿو، ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ملڪ تي فخر آھي۔ ريلي ۾ ضلعي شڪارپور جي ضلعي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو ،اي ڊي سي II، ضلعي جي چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، اين جي اوز جي نمائندن، سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرن، پوليس ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن، شھر جي معزز شهرين، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن ،تعليم کاتي جي استادن ۽ شاگردن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ نوابشاهه ۾ شهيد بينظيرآباد ضلعي انتظاميه طرفان سڀاڻي 5 مئي تي يومِ مارڪهٔ حق جي حوالي سان شاندار ريلي ڪڍي وئي: ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي طرفان يومِ مارڪهٔ حق جي موقعي تي هڪ باوقار تقريب ۽ ريلي منعقد ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه طرفان 5 مئي تي صبح 9:30 وڳي ڊپٽي ڪمشنر آفيس لان کان پريس ڪلب نوابشاهه تائين ريلي ڪڍي وئي سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقرر تاريخ، وقت ۽ هنڌ تي پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائين ۽ پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪن۔ساڳئي وقت ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ يومِ مارڪهٔ حق جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪن ۽ انهن جون تصويرون شيئر ڪن۔ضلعي انتظاميه طرفان عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو هن قومي ڏينهن جي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪري قومي يڪجهتي ۽ جذبي جو مظاهرو ڪن۔ معرڪہ حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي سانگهڙ م ريلي منعقد ڪئي وئي. انساني حقن جي ڪارڪنن، وڪيلن، استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته اهي ملڪ جي سالميت ۽ هٿياربند فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪن ٿا. پاڪستان فوج دشمنن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. جنگ حق جي هڪ سال جي مڪمل ٿيڻ تي قومي اتحاد ۽ حب الوطني واضح طور تي نظر آئي. اهڙا واقعا ملڪ ۾ اتحاد ۽ حب الوطني کي فروغ ڏين ٿا.حيدرآباد ۾ جي سي يونيورسٽي حيدرآباد ۾ “جشن معرڪه حق” ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي ۾ وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي ۾ شامل ماڻهن پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي۔ مقررن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ پاڪ فوج هر سطح تي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ وائيس چانسلر ڊاڪٽر معظم علي خان چيو ته اسان جي بهادر فوج هر دور ۾ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي۔ اڄ جو ڏينهن ان عزم جي ياد ڏياري ٿو ته اسان هڪ مضبوط ۽ متحد قوم آهيون۔ هن چيو ته اسان هڪ قوم بڻجي پنهنجي افواج سان گڏ بيٺل آهيون۔ پاڪستان جي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي۔ جنگ صرف فوج نه پر پوري قوم وڙهندي آهي۔ اتحاد، يڪجهتي ۽ حب الوطني جي جذبي کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي۔ يونيورسٽي پاران معرڪه حق جي سلسلي ۾ مختلف پروگرام به منقعد ڪيا ويا ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي به شريڪ ٿيو، هوڏانهن انٽرنيشنل هيومن رائٽس آرگنائيزيشن، رحيمداڻي اڪيڊمي ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل اهتمام هيٺ معرڪهٔ حق جي سلسلي ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پُرجوش ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين، سماجي اڳواڻن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن “پاڪستان زندہ باد”، “پاڪ فوج زندہ باد” ۽ قومي يڪجهتي جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا، جنهن سان الله والا چوڪ گونجي اٿيو، ريلي جي موقعي تي خطاب ڪندي عمرڪوٽ پريس ڪلب جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي چيو ته معرڪهٔ حق ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ڏکئي گهڙيءَ ۾ قوم پنهنجي فوج جو ڀرپور ساٿ ڏيندي رهندي، هن چيو ته هو اڳ به “پيغامِ پاڪستان” تحت مختلف ريلين، سيمينارن ۽ آگاهي پروگرامن جو اهتمام ڪندا رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به وطنِ عزيز جي سلامتي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي لاءِ هر پروگرام ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، ان موقعي تي انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي جنرل سيڪريٽريءَ محمد طاهر ڀٽي، مبارڪ علي منگريو، تاراچند مالهي، امام علي بجير ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته معرڪهٔ حق قوم لاءِ فخر ۽ حوصلي جو پيغام آهي، هنن چيو ته وطنِ عزيز جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پوري قوم متحد آهي ۽ ملڪ خاطر هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ريلي جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي، خوشحالي ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.