English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ هيومن رائٽس ڪميٽي جو اجلاس
152 views
|
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ هيومن رائٽس ڪميٽي جو ماهوار اجلاس درٻار هال مڪلي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدابخش ڀراني، ڪميٽي جي ميمبرن سينيئر ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه، وقارالنساءَ، عبدالجبار بلوچ، الطاف حسين تينو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ انساني حقن سان لاڳاپيل مختلف ڪيسن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ، خاص طور ٻارن سان زيادتي جي واقعن، هيومن رائٽس ڪيسن ۾ پوليس طرفان ايف آءِ آر جي بروقت داخل ڪرڻ ۾ دير، مليل نامعلوم لاشن جي شفاف جاچ ۽ ٻين اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق چيو ته انساني حقن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ جيلن، ٿاڻن ۽ اسڪولن جا باقاعده دورا ڪيا وڃن ۽ انساني حقن بابت آگاهي پروگرامن کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي۔ هن وڌيڪ هدايت جاري ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، جيئن مسئلن جي حل لاءِ مؤثر حڪمت عملي جوڙي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال ۽ پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻارن کي پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ بابت سيمينار
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس پاران شادي جي نالي تي ماڻهن سان فراڊ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي نامياري شاعر علي صفدر جي ٻارن جي سهائتا لاءِ گلشن حديد ۾ امدادي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق جي صدارت
0 تبصرے