English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ پوليس کي بيوس بڻائي سڄي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بڻايو ويو آھي : اياز لطيف پليجو
215 views
|
04th May 2026
•
سنڌي خبرون
منشيات فروشن کي سياسي ھائوسن جي سرپرستي حاصل آهي سنڌ پوليس وڏن منشيات فروشن ۽ ڊيلرن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو پيپلزپارٽي سنڌ پوليس کي بيوس بڻائي سڄي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بنايو ويو آھي منشيات فروشن کي سياسي ھائوسن جي سرپرستي حاصل آهي سنڌ پوليس وڏن منشيات فروشن ۽ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. منشيات منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آهي منشيات نوجوانن جون اميدون قتل ڪري ڇڏيون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت ھٿ وٺي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بڻائي ڇڏيو آهي. وڏن شھرن کان وٺي ڳوٺن تائين منشيات فروشن جي نيٽورڪ کي مضبوط ڪيو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم اين اي، ايم پي اي، وزير، سينيٽر، چيئرمين ۽ حڪمران ٻڌائين سنڌ ۾ گٽڪن جون فيڪٽريون ڪنهن جون آهن سڄي ۾ آئيس سميت منشيات جو ڌنڌو ان جي پسمنظر ۾ ھلائيندڙ ڪير آهي، سڄي سنڌ ۾ مين پڙيون ڪير ٿو ھلائي ان جا اسپانر ڪير آهن ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي جي مجال ڇو نٿي ٿئي منشيات جون فيڪٽريون بند ڪرائين ڇاڪاڻ تہ ايس ايس پي سميت پوليس کي ڪروڙين روپيا ڀتو ٿو ملي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وزير، ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ۽ چيئرمين منشيات فروشن جا سرپرست بڻيل آهن. منشيات جو زھر سنڌ جي نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. پيپلزپارٽي جي اھل اقتدار ماڻهن سميت سنڌ پوليس، ايڪسائيز ۽ اينٽي نارڪو ٽڪس جي سرپرستي ۾ منشيات جو انسان دشمن ڪاروبار عروج تي پھتل آھي. آئيس، گٽڪو، سفينا، چرس، ٺرو، ھيروئن، آفيم ۽ ٻي منشيات سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ آساني سان ملي رھي آھي. منشيات جو سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار جي ڪري اھي نوجوان جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ٿي سگھيا ٿي، اھي ٻين لاء عبرت جو نشان بنجي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس جي وڏي ڪمائي منشيات بنجي وئي آھي. پوليس آفيسر منشيات ۽ ٻين ڏوھن جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. منشيات جو وڪرو عام جام ھجڻ ڪري لکين ماڻھون نشي جا عادي بنجي پنھنجون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن.سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪاروبار آئيس، گٽڪو، مائو ۽ مين پڙي، چرس، ٺرو، ھيروئن ۽ ٻي منشيات آھي. پوليس ماھوار ڪروڙين روپيا ڀتو وصول ڪري ٿي. پوليس عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ بدران منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ وزيرن، اين پي ايز، ايم اين ايز، سردارن ۽ وڏيرن جي مرضي جا پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: معروف سماجي شخصيت حاجي احمد خاصخيلي جي جنازي نماز ادا
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ سنواريو مھم جي سلسلي ۾ ريلي
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سوڀوديرو: ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ بي پي ايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ ٻنڊي بوائز پاران ٻنڊي ڪنگس کي 3رنسن تان شڪست
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے