رٽائرڊ استاد محمد بخش سنديلو جي پاڻ ساڙڻ واري واقعي بعد کيس ڊي او ون آفيس گهرائي ورتو
نوشهرو فيروز (ڊر)ٽريزري آفيس نوشهرو فيروز پاران گذريل 36 مهينن کان لکين رپين جي ڪٽوتي خلاف بيزار مورو جي رٽائرڊ استاد محمد بخش سنديلو پاران پاڻ ساڙڻ جي اعلان بعد ٽريزري آفيس جي ڊي او ون محمد اشرف آرائين نوٽيس وٺندي متاثر ڌر کي ڳالهين لاءِ آفيس طلب ڪري ورتو۔ ڳالهين ۾ ايس يو پي اڳواڻ محمد اسلم ڪوريجو، ڪامريڊ اياز لنجار ۽ متاثر استاد محمد بخش سنديلو شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ محمد بخش سنديلو جي اڪائونٽ مان چار لک رپيا ڪڍيا ويا، جنهن بعد کيس وڌيڪ رقم ملڻ جو جواز ڄاڻائي 18 مهينن تائين هر مهيني 23 هزار رپيا ڪٽوتي ڪرڻ جو چيو ويو، پر اها ڪٽوتي ٽي سال گذرڻ باوجود جاري رهي۔ هنن چيو ته مسلسل ناجائز ڪٽوتين سبب متاثر استاد مجبور ٿي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو هو۔ ان موقعي تي ٽريزري آفيس جي ڊي او ون محمد اشرف آرائين اعتراف ڪيو ته رٽائرڊ استاد سان ناانصافي ٿي آهي، جيڪا اڳوڻن آفيسرن جي غلطي سبب ٿي، ۽ انهن خلاف ڪيس پڻ هلندڙ آهن۔ هن يقين ڏياريو ته 15 ڏينهن اندر ڪٽوتي بند ڪئي ويندي ۽ جيڪا اضافي رقم ڪٽي وئي آهي، ان جا ڊفرنس بل تيار ڪري ايندڙ پگهار سان گڏ ادا ڪيا ويندا۔ اطمينان بعد رٽائرڊ استاد محمد بخش سنديلو پنهنجو پاڻ ساڙڻ وارو اعلان واپس وٺي ڇڏيو۔
0 تبصرے