ھڱورجا(رپورٽر)3 مئي صحافت جي عالمي ڏھاڙي تي سيٺارجا ۾ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنھن ۾ سيٺارجا جي مشھور واپارين حاجي قاسم ميمڻ ۽ نعمان حبيب ميمڻ پاران صحافي اتحاد خيرپور جي اڳواڻن عبدالجبار چانگ.سجاد علي آرائين ۽ سيٺارجا جي سينيئر صحافين حنيف رضا لنڊ.فاروق منڱڻيجو ۽ سيٺارجا جي ڪاروباري شخصيت قادر شيخ گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ شھيد صحافين ۽ حق سچ لکندڙ صحافين کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تفصيل موجب 3 مئي صحافت جي عالمي ڏھاڙي تي صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ صحافت سان وابسته صحافين کي بہ گورنمينٽ طرفان معاوضو ملڻ گھرجي ۽ صحافين کي جبر ڏاڍ کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ صحافين ٻٽي عتاب ۾ آھن ۽ صحافين جي ڪنھن سان پرسنل ڪا بہ دشمني نہ ھوندي آھي صرف ۽ صرف خبرن جي ڪري انھن جي دشمني ٿئي ٿي ۽ انھن کي شھيد ڪيو ٿو وڃي خاص ڪري اتر سنڌ جي صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ بل تہ منظور ڪيا ٿا وڃن پر انھن تي عمل نہ پيو ٿئي ھنن مطالبو ڪيو تہ صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي آخر ۾ شھيد صحافين جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گھري وئي.
0 تبصرے