پارٽي قيادت جي هدايتن مطابق پنهنجي ذميوارين کي آخري دم تائين نڀائيندا رهنداسين: بشير ميمڻ

ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي ملير ملت هائوس آمد، تنظيمي معاملن تي ڳالهيون

پارٽي قيادت جي هدايتن مطابق پنهنجي ذميوارين کي آخري دم تائين نڀائيندا رهنداسين: بشير ميمڻ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) صوبائي صدر پاکستان مسلم لیگ (ن) سنڌ بشير ميمڻ ، نائب صدر شاهد اقبال ارائين ۽ شاهه لطيف ٽائون جي عهديدارن سان گڏ ضلع ملير پهتا، جتي هنن ملت هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي ضلع ملير جي صدر ۽ پارلياماني ليڊر بلديه عظميٰ حاجي فيروز خان، جنرل سيڪريٽري ملڪ شير احمد اعوان سميت ٻين مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔اجلاس کي خطاب ڪندي بشير ميمڻ چيو ته پارٽي جو بنيادي منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ هو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تنظيمي معاملن جو جائزو وٺي رهيا آهن۔ هن چيو ته پارٽي قيادت جي هدايتن مطابق هو پنهنجي ذميوارين کي آخري دم تائين نڀائيندا رهندا۔ هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سياست خدمت تي ٻڌل آهي، ۽ پارٽي ماضي ۾ به عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اڳتي به اهو سلسلو جاري رکيو ويندو۔ هن ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو عوام سان محبت، ڀائپي ۽ اتحاد سان گڏ هلن ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن۔بشير ميمڻ چيو ته هو اعليٰ قيادت سان لاڳيتو رابطي ۾ آهن ۽ ضلع ملير کي پنهنجو ضلع سمجهي ڪارڪنن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکي رهيا آهن۔ هن ڪارڪنن کي يقين ڏياريو ته مايوس نه ٿين، انشاءَ الله پارٽي کي مستقبل ۾ به ڪاميابيون حاصل ٿينديون۔