وڏي وزير پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي پوليس پاران يرغمال بڻائڻ جي جاچ جي هدايت

حيدرآباد آمد جي موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صحافي عبدالغفور سروهي جي پوليس خلاف شڪايت

وڏي وزير پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي پوليس پاران يرغمال بڻائڻ جي جاچ جي هدايت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وزيراعلي سنڌ کي سينئر صحافي عبدالغفور سروهي پاران حيدرآباد پوليس هٿان غيرقانوني گرفتاري جي دانهن، وڏي وزير جي ڊي آئي جي حيدرآباد کي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي هدايت، حيدرآباد ۾ هڪ تقريب دوران وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي صحافي عبدالغفور سروهي شڪايت ڪئي ته حق ۽ سچ لکڻ تان ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪم تي 4 ٿاڻن جي ايس ايچ او حراسان ڪيو ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻي تي يرغمال بڻايو ويو، منهنجي خلاف ڪابه شڪايت نه هئي، پوليس غيرقانوني قدم کڻي اظهار رائي جي آزاديءَ تي وار ڪيو آهي، جنهن تي وزيراعلي سيد مراد علي شاهه موقعي تي موجود ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو کي هدايت ڪئي ته صحافي جو مسئلو ٻڌي کيس انصاف ڏياريو وڃي.