English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باڊهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند ڳوٺ منڌرا واسي کان 7 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا
50 views
|
28th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري باڊھ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جو راڄ، باڊھ ٿاڻي جي حد خير واھ وٽان هٿياربند ڦورن ڳوٺ منڌرا جي رهواسي بشير احمد جوڻيجو کان ست لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. تفصيل موجب خير واھ ڀرسان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي سوار ٽي هٿياربند جوابدارن بشير احمد جوڻيجو کي روڪي هٿيارن جي زور تي وٽس موجود ست لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. متاثر ڳوٺاڻي بشير احمد جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باڊھ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل رهي آهي، باڊھ ڏوڪري روڊ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦريون ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب علائقي جا رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف مؤثر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. متاثر شخص ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان فوري نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري ۽ ساڻس انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار زخمي
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ ۾ پاڻي جو بحران سنگين، شهري پريشان، پاڻي جي واحد پائپ لائين تي رش، ڪلاڪن تائين انتظار
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا جي صدارت هيٺ اجلاس
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول: بنون ٿاڻي جي حد مان ڌنار نينگر مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
باڊهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند ڳوٺ م
0 تبصرے