پ پ لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، ابو ظفر قريشي ۽ ٻين جي غلام فاطمه رانجهاڻي جي پونئرن سان تعزيت
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري پیپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ليڊيز ونگ جي نائب صدر غلام فاطمه رانجھاڻي جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آھي،پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر سردار محمد علي ٻگھيو،آل پاڪستان قريشي اتحاد جي سردار ابو ظفر قريشي،سي بي اي يونين جي مرڪزي سرپرست اعليٰ غلام قادر اھير،سي بي اي يونين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام رسول ڇڄڙو، وطن دوست فيڊريشن سندھ جي صدر الطاف حسين ملگاڻي، احسان علي ڇڄڙو، سي بي اي يونين جي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري رجب علي کوسو ليبر بيورو ضلعي لاڙڪاڻي صدر حاجي رفيق احمد سومرو انفارميشن سيڪريٽري ارشاد علي ڀٽو آغا خان جلباڻي حبيب الله کوکر اصغر علي ميمڻ معشوق علي جتوئي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ پيپلز ليبر بيورو تعلقو ڏوڪري صدر اڪبر علي قريشي انفارميشن سيڪريٽري نصير علي رانجھاڻي امير علي رانجھاڻي مختيار علي قريشي سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظھار ڪيو.
0 تبصرے