هر سياسي پارٽي ۽ ماڻھو جو سياسي ماحول ۾ اچڻ جو ان کي حق حاصل آھي: رياض شاھ شيرازي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي ۽ تعلقن توڙي ٺٽي سٽي جي تنظيم سازي مڪمل ٿيڻ بعد حلف برداري جي تقريب منعقد ڪئي وئي. پيپلزپارٽي عوامي سمنڊ آھي سنڌ ۾ جي ڊي اي سميت مختلف ڌرين پاران پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ بدران راشدي صاحب پنهنجن تي نظر رکي: ايم اين اي ۽ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جي عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب ايم اين اي ۽ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي صدارت هيٺ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ٺٽي ضلعي سميت چئني تعلقن جي عهديدارن توڙي ٺٽو سٽي جي تازو مقرر ڪيل عهديدارن کي پي پي ضلع ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي حلف کڻايو حلف برداري تقريب ۾ نئون مقرر ٿيل نائب صدر ۽ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي، نائب صدر عاشق حسين زرداري، سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور، ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، اطلاعات سيڪريٽري محمود عالم شاھ، ضلعي نائب صدر ممتاز جلباڻي، اڳوڻي ايم اين اي عبدالواحد سومرو، پ پ تعلقي ٺٽي جي صدر عبدالحميد سومرو، ميرپور ساڪرو جي تعلقي صدر مشتاق بگهياڙ، گهوڙاٻاري جي تعلقي صدر رمضان پنهور، ڪيٽي بندر جي تعلقي صدر عبدالواحد ميمڻ، ٺٽو سٽي جي صدر عبدالعزيز پکيئڙو ڀورو سرڪي مجتبي خشڪ مظهر ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ نَون عهديدارن توڙي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي صادق علي ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جي هر وقت تياري هوندي آھي اليڪشن ويجهي اچي ته خبر پئجي ويندي، باقي فنڪشنل ليگ هجي يا ٻيون ڦوڪون ڏيندڙ ھجن معلوم ناهي ته انهن کي ڪير خبرون ٿو ڏيو جو اوچتو ظاهر ٿي ڦوڪون ڏيڻ بعد غائب ٿي وڃن پ پ ايم اين اي صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ھميشه ڪارڪردگي جي بنياد کي ڏسڻو هوندو آھي، اسانجي تنظيم سازي ۽ عوامي رابطه مهم جو آغاز ٿي چڪو آھي مڪاني چونڊون به سال ڏيڍ ۾ ٿينديون جنھن لاء پيپلزپارٽي ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندي. ايم اين اي صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته فنڪشنل ليگ جو راشدي صاحب محترم آھي هُو پنهنجي پاسي کي ڏسي پيپلزپارٽي جو فڪر نه ڪري پيپلزپارٽي جا اڳواڻن تڪليف ۽ مصيبتن مان گذري آيا آھن اُھي ڪنھن به صورت ۾ ٻئي ڪنھن پارٽي جو حصو نه بڻجندا. صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي چيو ته سموريون سياسي ڌريون اسانجي لاء قابل احترام آھن، هر سياسي پارٽي ۽ ماڻھو جو سياسي ماحول ۾ اچڻ جو ان کي حق حاصل آھي. ڀلي اُھي جلسا ڪن پر عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آھي پيپلزپارٽي جي نئين تنظيم سازي کانپوء وڌيڪ عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آھي.
0 تبصرے