ملير: يوسي صالح محمد ڳوٺ ۾ نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف جيالن جو احتجاج

علائقي جي نوجوانن کي نظرانداز ڪري من پسند ماڻهن کي نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا ناانصافي آهي: جيالا

ملير: يوسي صالح محمد ڳوٺ ۾ نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف جيالن جو احتجاج

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ ھڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين ۾ پارٽي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالن صالح محمد ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين چونڊيل نمائندن ۽ تنظيمي اڳواڻن خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي احتجاج جي اڳواڻي علي چارو، عابد حسين، ڪامران لاشاري، جواد لاشاري، امير بخش لاشاري ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا مظاهرين جو چوڻ هو ته علائقي جي نوجوانن کي نظرانداز ڪري من پسند ماڻهن کي نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي ھنن الزام هڻندي چيو ته پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن پارٽي جي وفادار ڪارڪنن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري پنهنجن ويجهن ماڻهن کي فائدو پهچايو آهي، جنهن سبب ڪارڪنن ۽ جيالن ۾ سخت بيچيني ۽ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي هنن چيو ته پارٽي ڪارڪنن سان اهڙو سلوڪ نه صرف ناانصافي آهي پر ان سان پارٽي جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙي رويي جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ضلعي سطح تي به تحريڪ هلائي ويندي. هنن پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ميرٽ تي نوڪرين جي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.مظاهرين آخر ۾ خبردار ڪيو ته هو پنهنجن حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا ۽ ڪنهن به قسم جي ناانصافي قبول نه ڪندا