سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف عمرڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي سڏ تي ريلي

مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون, جا نعرا گونجي اُٿيا

سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف عمرڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي سڏ تي ريلي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي مبينه ڀڃڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف عمرڪوٽ ۾ "مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون" جي عنوان سان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي سيد علي مردان شاه هائوس کان شروع ٿي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتي، جتي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪندي سنڌو درياءَ جي پاڻي جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو، ريلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر نور علي شاه، ضلعي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، سينيئر نائب صدر برهان الدین ڪنڀر، انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس بجير سميت پارٽي جي مختلف ونگن جي عهديدارن، ليڊيز ونگ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، امين پلي، نورمحمد ولھاري، ڏاتر بخش سينهڙو، نندلال ميگھواڙ، منٺار آريسر، واحد بخش سمون، عباس رند، مهر مصطفي، رائچند ڀيل، نوول راءِ، گلزاران سمون، نورجهان گيلهڙو، تلڇو ميڳھواڙ، راجا رمچند مالهي، شيوانند سنڌيءَ،ڪانجي مل،جيوت اوڏ، ٽيڪم مالهي، وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي سنڌو درياءَ جي پاڻي جي تحفظ بابت نعرا درج هئا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي کي روڪڻ جون ڪوششون عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي معاهدن جي کليل خلاف ورزي آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ سميت پاڪستان جي عوام جي حياتيءَ جي ضمانت آهي، تنهنڪري ان جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي ڌاڙي خلاف هر جمهوري، قانوني ۽ سفارتي محاذ تي ڀرپور جدوجهد جاري رکي ويندي، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته مودي سرڪار جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پاڪستان جي عوام پنهنجي دريائن ۽ پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ متحد آهي ۽ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هنن وفاقي حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي مؤثر سفارتي قدم کنيا وڃن، جيئن پاڪستان جي پاڻي جي حقن جو هر صورت ۾ دفاع يقيني بڻائي سگهجي.