سجاول: پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ جو ڀاءُ محمد قاسم ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

جنازي نماز جي يو آءِ جي صوبائي سينيئر نائب امير مولانا محمد صالح الحداد جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي

سجاول: پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ جو ڀاءُ محمد قاسم ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

سجاول (رپورٽر) اڳوڻي ايم اين اي وڏيرو احمد ميمڻ جو فرزند، پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي سجاول جو صدر ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ جو ڀاءُ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سجاول جي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ جو سئوٽ محمد قاسم ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي سينيئر نائب امير مولانا محمد صالح الحداد جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ کيس مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي خان ملڪاڻي، قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شاھ حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي ريحانہ لغاري، حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي، ارباب وزير ميمڻ، پاشا شاھ شيرازي، سردار اقبال موسيٰ چانڊيو، حافظ سعدالله ميمڻ، سردار واحد بخش ملڪاڻي، عظم خان ملڪاڻي، پير رحماني، اميرالبحر جي اڳواڻ علي مير ملاح، ظهير شورو، عبدالحميد سومرو، حاجي صديق ٿيهم، رميز الحق زئور، منظور رحيم پليجو سميت سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن ۽ علائقي جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙن مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبرِ جميل جي دعا گهري.