ڪوٽڙي واسي جوڙو تحفظ لاءِ ملير پريس ڪلب پھچي ويو

اجمل خاصخيلي سان مرضي سان پرڻو ڪيو آھي: صائمھ خاصخيلي

ڪوٽڙي واسي جوڙو تحفظ لاءِ ملير پريس ڪلب پھچي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪوٽڙي واسي پريمي جوڙي اجمل خاصخيلي ۽ صائمه خاصخيلي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعليٰ اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي پريس ڪانفرنس دوران صائمه خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته هن پنهنجي مڪمل رضا ۽ خوشي سان اجمل خاصخيلي سان اسلامي شريعت ۽ ملڪ جي قانون موجب حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي هن چيو ته کيس نه ڪنهن ورغلايو آهي، نه اغوا ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي مٿس ڪنهن قسم جو دٻاءُ وڌو ويو آهي صائمه خاصخيلي الزام هنيو ته شادي کان پوءِ سندس مائٽن، جن ۾ ڀاءُ منير، ماما اصغر، علي نواز، پوليس عملدار قادر بخش، مراد، غفور، وڏيرو جانو خاصخيلي، سهراب درس ۽ ٻيا شامل آهن، سندن سخت مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي هن دعويٰ ڪئي ته اهي ماڻهو کيس ۽ سندس مڙس کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو سخت خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن اجمل خاصخيلي چيو ته هو ۽ سندس گهرواري امن سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا پر مسلسل ڌمڪين سبب سندن زندگيون خطري ۾ آهن هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن کين يا سندن گهرڀاتين کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي مڪمل ذميواري ڌمڪيون ڏيندڙ ماڻهن تي هوندي پريمي جوڙي ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو، سنڌ پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي کين قانوني ۽ جاني تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن هو بنا خوف جي پنهنجي زندگي گذاري سگهن پريس ڪانفرنس دوران جوڙي مطالبو ڪيو ته سندن خلاف ڪنهن به قسم جي غيرقانوني ڪارروائي يا هراسان ڪرڻ جي ڪوششن کي روڪيو وڃي ۽ قانون موجب کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.