رسول بخش پليجو جي مزار، گرائونڊ ۽ جلسي واري پلاٽ تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن قبضو ڪري ورتو آهي
ٺٽو (شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي، سنڌ جي نامياري ڏاهي، قانوندان ۽ عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي جنگشاهي ۾ قائم آخري آرامگاهه ۽ ڀرپاسي واري جلسي جي پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو، نور نبي پليجو، عوامي تحريڪ ٺٽي جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو، امان الله بروهي ۽ ٻين چيو ته سيشن ڪورٽ ٺٽي ۾ سول جج جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي، جتي سندن موقف کي قانوني بنيادن تي پيش ڪيو ويو. اڳواڻن الزام هنيو ته رسول بخش پليجو جي مزار، گرائونڊ ۽ جلسي واري پلاٽ تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مقامي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه، قبضي بابت اطلاع ۽ شڪايتن باوجود، ڪو عملي قدم نه کنيو آهي. هنن دعويٰ ڪئي ته لاڳاپيل ايس ايڇ او پنهنجي رپورٽ ۾ پڻ قبضي جي تصديق ڪئي آهي، پر ان باوجود قبضي جو خاتمو نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سموري سنڌ بار ڪائونسل سندن قانوني موقف جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ معاملو عدالت ۾ زيرِ ٻڌڻي آهي. سندن چوڻ هو ته هي رڳو زمين جو تڪرار نه، پر سنڌ جي ترقي پسند فڪر، جمهوري جدوجهد ۽ تاريخي ورثي تي حملو آهي. هنن الزام هنيو ته رسول بخش پليجو جي وڌندڙ فڪري اثر ۽ عوامي مقبوليت کان خائف قوتون رياستي سرپرستي هيٺ تحريڪ کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن اعلان ڪيو ته 7 جولاءِ 2026 تي شام 4 وڳي مڪلي پبلڪ پارڪ کان رسول بخش پليجو جي مزار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. هنن عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي ميمبرن، صحافين، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سميت سمورن شهرين کي وڏي انگ ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو ته سنڌ جي فڪري ورثي ۽ تاريخي اثاثن جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي.
0 تبصرے