English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هڱورجا ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج
117 views
|
05th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
غضنفر سولنگي، گلزار اوٺو، اسلم چنو، عدنان مغل ۽ عبدالقادر شيخ ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي
هڱورجا(رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو، حڪومت کان فوري نوڪرين جو مطالبو.تفصيل موجب تعلقي سوڀوديرو سان تعلق رکندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي (PST) ۽ جي ايس ٽي (JST) اميدوارن پاران آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف هنڱورجا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو.احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي غضنفر سولنگي، گلزار اوٺو، اسلم چنو، عدنان مغل ۽ عبدالقادر شيخ ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ اميدوارن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا، جن تي حڪومت کان آفر آرڊر جاري ڪرڻ جا مطالبا درج هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هنن آءِ بي اي جو ٽيسٽ ميرٽ تي ڪاميابي سان پاس ڪيو، پر ان باوجود کين پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون آفرون جاري نه ڪيون پيون وڃن، جيڪا سندن حقن سان کليل ناانصافي آهي. هنن چيو ته حڪومت ميرٽ تي ڀرتين جا واعدا ڪيا هئا، پر اڃا تائين انهن واعدن تي عمل نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سوين ٽيسٽ پاس اميدوار سخت ذهني پريشاني ۽ بيچيني جو شڪار آهن.احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته کين روزگار جي اميد هئي، پر آفر آرڊر نه ملڻ سبب سندن مستقبل داءُ تي لڳل آهي. هنن حڪومت، تعليم کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس سمورن اهل اميدوارن کي بنا دير آفر آرڊر جاري ڪري کين روزگار فراهم ڪيو وڃي.هنن خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن سندن جائز مطالبا فوري طور تي تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سڄي صوبي ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هڱورجا ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن
0 تبصرے