ملير: ڪونڪر جي 10 ڳوٺن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي بند، رهواسي پريشان

مولوي عبدالرحمان جوکيو، پير بخش گبول، الله جڙيو سولنگي، لال محمد جوکيو ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي پاڻي لاءِ پريشان

ملير: ڪونڪر جي 10 ڳوٺن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي بند، رهواسي پريشان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ جي ڪونڪر واٽر سپلائي جو موٽر گذريل ٻن مهينن کان سڙيل هجڻ سبب ڪونڪر جي مولوي عبدالرحمان جوکيو ڳوٺ، پير بخش گبول ڳوٺ، الله جڙيو سولنگي ڳوٺ، لال محمد جوکيو ڳوٺ، مائي سري ڳوٺ سميت لڳ ڀڳ 10 ڳوٺن ڏانهن پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي، جنهن سبب علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پاڻي نه هجڻ ڪري هو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. عورتون، ٻار ۽ بزرگ روزانو پري پري کان پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪيترائي رهواسي مهانگي اگهه تي ٽينڪر خريد ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪري رهيا آهن، جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.رهواسين الزام هنيو ته واٽر سپلائي جو موٽر ٻن مهينن کان سڙيل پيل آهي، پر لاڳاپيل عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن ان جي مرمت يا تبديلي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن متاثر رهواسين سنڌ حڪومت، واٽر بورڊ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪونڪر واٽر سپلائي جو سڙيل موٽر فوري طور تبديل يا مرمت ڪري پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿيندا.