English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
161 views
|
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر، اي سي ڪنري محمد خان ۽ ٻيا به شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو 18 هون اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار حال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ سھائي عزيز ٽالپر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، مختيار ڪار عمرڪوٽ, چيف آفيسر ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ شريف ناريجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ عمرڪوٽ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عمرڪوٽ، ايڪسي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي، ايڪسائيز انسپيڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت عمرڪوٽ، اطلاعات کاتو جي ضلعي آفيسر محمد اسلم ڀٽي، سيڪريٽري آر ٽي اي عرفان الله رند، ڊسٽرڪٽ ليبر آفيسر عمرڪوٽ گلزار احمد آرائين، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منارٽي افيئرس ميرپورخاص سڪندر علي ڪلوئي، سميت مختلف کاتن جا ضلعي آفيسر، حساس ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي ۽ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت طرفان امن امان جي قيام، دهشتگردي جي خاتمي، اسمگلنگ جي روڪٿام، منشيات جي خاتمي، غيرقانوني رهواسين خلاف ڪارروائي ۽ سرڪاري ملڪيتن جي تحفظ بابت جاري هدايتن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو تہ ضلعي اندر قانون تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن تہ سموري ضلعي ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن، غير قانوني ھلندڙ پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ۽ ان رپورٽ بابت جائزو ورتو ويو، ڊپٽي ڪمشنر چيو مدرسن جي رجسٽريشن مڪمل ڪئي وڃي جڏهن تہ رجسٽريشن نہ ڪرائيندڙ مدرسن کي سيل ڪيو ويندو، ھن چيو تہ ضلعي ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا وڃن ھن ڊي او اسپورٽس آفيسر کي ھدايت ڪئي تہ ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس جو ڪرڪيٽ ميچ ڪرايو وڃي، نارڪوٽڪس کاتي کي ھدايت ڪئي تہ روزانه جي بنياد تي چيگنگ ڪئي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان چيو تہ لوڪل گورنمينٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز گڏجي ھڪ ڊس انفرميشن مس انفارميشن ء فيڪ نيوز جي آگھائي لاءِ سيمينار ڪرايا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ عمرڪوٽ ضلعو امن امان وارو ضلعو آهي مذھبي ھم آھنگي رواداري ۽ ڀائيچاري وارو پيغام ملي ٿو. ان موقعي تي ايڪسي اين حيسڪو علي رضا ڀٽي چيو تہ پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان ھڪ ڪروڙ 67 لک ريڪور ڪيا آھن،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے