English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب صادق علي ميمڻ جي رهائشگاهه تي منعقد
views
|
21st Jun 2023
•
سنڌي خبرون
ملڪ ۾ جھموريت شھيد بينظير ڀٽو جي قربانين عيوض قائم ٿي آھي، جيڪا جاري رهندي: اڳواڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي طرفان ايشيا جي عظيم ليڊر سنڌ ڄائي شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي 70 وين سالگرہ تقريب پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ جي رھائش گاھ تي سندس نگراني ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، غلام قادر پليجو، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو، پير غلام رحماني شاھ جيلاني، پير زين العابدين شاھ، ممتاز علي ميمڻ، افتاب عالم سومرو، عبدالعزيز پکيئڙو، پير سڪندر شاھ، ڀورو سرڪي، نور حسن سرڪي، ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، شڪيل احمد بروھي، حاجي خان پارھيڙي، سھيل پليجو، حاجي منور ھيلايو، اوڀايو خشڪ، مجتبيٰ خشڪ، امين بروھي، عبدالحفيظ بڪڪ، رمضان پنھور، عبدالخالق سومرو، غلام حيدر سمون سميت پ پ پ اڳواڻن، چونڊيل نمائندن سميت ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ايثال ثواب لاء خصوصي دعائون گھرڻ بعد سندس سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي، غلام قادر پليجو، سيد امتياز شاھ شيرازي ۽ ٻين چيو تہ ملڪ ۾ جھموريت شھيد بينظير ڀٽو جي قربانين عيوض قائم ٿي اھي، ھنن چيو تہ شھيد بينظير ڀٽو جي ملڪ لاء جھموري ۽ عوامي خدمتن، آئين، پارليامينٽ جي بالادستي جي لاء ڪيل جدوجھد ۽ خدمتن کي ھميشہ ياد رکيو ويندو، ھنن چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ پوري ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندي. ھنن چيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جو خون ڪڏھن بہ رائيگان نہ ويندو، سندن قربانين عيوض ملڪ ۾ جھموريت قائم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto
shaheed
Benzir
Bhutto
0 تبصرے