English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب صادق علي ميمڻ جي رهائشگاهه تي منعقد
242 views
|
21st Jun 2023
•
سنڌي خبرون
ملڪ ۾ جھموريت شھيد بينظير ڀٽو جي قربانين عيوض قائم ٿي آھي، جيڪا جاري رهندي: اڳواڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي طرفان ايشيا جي عظيم ليڊر سنڌ ڄائي شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي 70 وين سالگرہ تقريب پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ جي رھائش گاھ تي سندس نگراني ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، غلام قادر پليجو، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو، پير غلام رحماني شاھ جيلاني، پير زين العابدين شاھ، ممتاز علي ميمڻ، افتاب عالم سومرو، عبدالعزيز پکيئڙو، پير سڪندر شاھ، ڀورو سرڪي، نور حسن سرڪي، ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، شڪيل احمد بروھي، حاجي خان پارھيڙي، سھيل پليجو، حاجي منور ھيلايو، اوڀايو خشڪ، مجتبيٰ خشڪ، امين بروھي، عبدالحفيظ بڪڪ، رمضان پنھور، عبدالخالق سومرو، غلام حيدر سمون سميت پ پ پ اڳواڻن، چونڊيل نمائندن سميت ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ايثال ثواب لاء خصوصي دعائون گھرڻ بعد سندس سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي، غلام قادر پليجو، سيد امتياز شاھ شيرازي ۽ ٻين چيو تہ ملڪ ۾ جھموريت شھيد بينظير ڀٽو جي قربانين عيوض قائم ٿي اھي، ھنن چيو تہ شھيد بينظير ڀٽو جي ملڪ لاء جھموري ۽ عوامي خدمتن، آئين، پارليامينٽ جي بالادستي جي لاء ڪيل جدوجھد ۽ خدمتن کي ھميشہ ياد رکيو ويندو، ھنن چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ پوري ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندي. ھنن چيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جو خون ڪڏھن بہ رائيگان نہ ويندو، سندن قربانين عيوض ملڪ ۾ جھموريت قائم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
thatto
shaheed
Benzir
Bhutto
0 تبصرے