درگاھ عاليه لواري جي سجاده نشين پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگرهه تقريب منعقد

ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف پاران سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، هزارين ماڻهن جي شرڪت

درگاھ عاليه لواري جي سجاده نشين پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگرهه تقريب منعقد

بدين (رپورٽر) ناجيه شاگرد تنظيم "نشات" جماعت لواري شريف ضلع بدين طرفان 44ھين سالگره مبارڪ حضرت قبله پير محمد صادق قريشي نقشبندي موجوده سجاده نشين درگاھ عاليه لواري شريف نھايت عقيدت و احترام ۽ جوش و جذبي سان اوطاق پاڪ حضرت قبله پير محمد صادق قريشي نقشبندي لواري شريف ۾ ملھائي وئي ـجنھن جا مھمان خصوصي پير نور الله قريشي اسپيشل اسسٽنٽ وزير اعليٰ سنڌ ۽ پير محمد صالح قريشي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي بدين جن ھئاـ جڏهن ته ھن پروگرام جي صدارت مرڪزي صدر نشات محمد سليم "ساحل" جوڻيجو ڪئي ـ ٻين مھمانن ۾ مئنيجرس پير آف لواري شريف عبدالرحمان بلوچ, الھبچايو ڪوريجو, لال بخش ڏاھري ۽ مبارڪ ڪيريو ھئا, ميمبر سپريم ڪميٽي نشات عبدالفتاح لانگاھ ۽ سيڪريٽري سپريم ڪميٽي نشات شرف الدين جوڻيجو, علمي و ادبي حلقي سان تعلق رکندڙن ۾ ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر ۽ فدا محمد جوڻيجو بحيثيت مقررين جي ھئاـ ساڻن گڏ اڳواڻ نشات تنظيم فتح الله جوڻيجو, عبدالفتاح جوڻيجو ۽ مولا بخش چنا, نشات شاگرد تنظيم محمد ياسين ٽالپر, سھيل احمد جوڻيجو, وقار احمد ڪوريجو, حبيب الله جوڻيجو, محمد اسلم ٽالپر, ستار بخش ڪوريجو, عبدالعزيز جوڻيجو ۽ چيئرمين يونين ڪائونسل لواري شريف مير انوار بخش ٽالپر ۽ ٻيا موجود ھئاـضلعي صدر بدين وقار احمد ڪوريجو سڀني مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ آجياڻي جي تقرير ڪئي ـجنهن بعد پروگرام جي لاتعداد شرڪاء جي ڀرپور جوش و جذبي نعرن ۽ تاڙين جي گونج ۾ سالگره مبارڪ جي ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم پير نور الله قريشي ۽ پير محمد صالح قريشي جن ادا ڪئي ـ جنهن بعد بيشمار آتشبازي نعرا تاڙيون دھل جھمريون گيت ۽ شادمانه چئي خوشي جو اظھار ڪيو ويو ۽ پنهنجي مرشد سان لازوال محبت جو اظھار ڪيو ويوـ آخر ۾ صدارتي خطاب ڪندي مرڪزي صدر نشات محمد سليم "ساحل" جوڻيجو چيو ته اسين پير نور الله قريشي ۽ پير محمد صالح قريشي جن جا تھ دل سان شڪرگذار آھيون جو پاڻ اڄوڪي متبرڪ محفل ۾ شرڪت ڪئي اٿائون ـ يقينن سندن شرڪت اسان لاء باعث مسرت آهي جنهن سان ھڪ نئين تاريخ رقم ٿي آهي ـ الحمد الله نشات جي اڻٿڪ جدوجھد بدستور جاري آهي جنهن ۾ جماعت جو چاھ ۽ معاونت داد جا مستحق آهن ـ نشات محبتن جو نالو آهي ـ جيڪا ھر نشاتي جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي ـ انشاء الله ھي رونقون ۽ خوشيون سدا شاد ۽ آباد رھنديون ـ جنهن مان اسين ۽ اسان جا ايندڙ نسل لطف اندوز ٿيندا رھنداـ