English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ٽائون جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران، رهواسي برسات جو گڏ ٿيل پاڻي پيئڻ تي مجبور
203 views
|
23rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي ڳوٺ ڀائي خان برفت، بابو برفت ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي جنهن سبب مقامي آبادي انسانن ۽ مالوند جانورن سميت برساتن جو گڏ ٿيل پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي علائقي واسين موجب انهن ڳوٺن ۾ زميني پاڻي کارو ۽ ڪڙو هجڻ ڪري پيئڻ لائق ناهي، جڏهن ته سرڪاري سطح تي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪو به مؤثر بندوبست موجود ناهي. پاڻي جي کوٽ سبب رهواسي مختلف بيمارين ۽ صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گڏاپ ٽائون جا اهي علائقا ڪراچي جو حصو هجڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور تي انهن علائقن ۾ بورنگ سسٽم ۽ آر او واٽر پلانٽس نصب ڪري، جيئن غريب آبادي کي صاف ۽ صحت بخش پاڻي فراهم ٿي سگهي علائقي واسين چونڊيل عوامي نمائندن، سنڌ حڪومت، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي فلاحي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته گڏاپ ٽائون جي پسمانده علائقن ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. شهرين جو چوڻ آهي ته پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورت آهي، ۽ گڏاپ ٽائون جي انهن ڳوٺن جو سڀ کان وڏو مسئلو به صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي آهي، جنهن جي مستقل حل لاءِ فوري ۽ مؤثر اپاءَ وٺڻ انتهائي ضروري آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ٽائون جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي
0 تبصرے