English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد يا حسين عه جي صدائن سان گونجي اٿيو
122 views
|
23rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد، ملير سٽي، گڏاپ، شاهه لطيف، ابراهيم حيدري، گهگهر ڦاٽڻ ۽ بين علائقن ۾ ماتمي جلوس برآمد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي مختلف علائقن سميت گلشنِ حديد، ملير سٽي، گڏاپ ٽائون، شاهه لطيف ٽائون، ابراهيم حيدري، گھگھر ڦاٽڪ، پپري، رزاق آباد، ميمن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 7 محرم الحرام جي موقعي تي ماتمي جلوسن، مجلسن، نياز ۽ سبيلن جو سلسلو وڏي عقيدت ۽ احترام سان جاري رهيو. عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حضرت امام حسينؑ ۽ شهيدنِ ڪربلا کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي گلشنِ حديد مان نڪتل 7 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس مقرر رستن تان گذرندي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهيو. جلوس ۾ شامل عزادار “يا حسينؑ”، “يا عباسؑ” ۽ “لبيڪ يا حسينؑ” جا نعرا هڻندي شهيدنِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي ياد ڪندا رهيا. مختلف امام بارگاهن ۽ عزاخانن ۾ منعقد مجلسن دوران عالمن ۽ ذاڪرن واقعي ڪربلا، حق ۽ باطل جي معرڪي ۽ امام حسينؑ جي لازوال قربانين تي تفصيلي روشني وڌي ملير سٽي، گڏاپ، شاهه لطيف ٽائون، ابراهيم حيدري، گھگھر ڦاٽڪ، پپري، رزاق آباد ۽ ميمن ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ مقامي انجمنن، تنظيمن ۽ مخير حضرات طرفان عزادارن لاءِ ٿڌي پاڻي، شربت، کير ۽ ٻين مشروبات جون سبيلون قائم ڪيون ويون، جڏهن ته نياز ۽ لنگر جو به وسيع انتظام ڪيو ويو. نوجوان رضاڪارن عزادارن جي خدمت ۽ جلوسن جي نظم ضبط برقرار رکڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو سيڪيورٽي جي حوالي سان پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا. جلوسن جي رستن تي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر رهيا، جڏهن ته داخلا ۽ نڪرڻ وارن هنڌن تي به نگراني جو خاص بندوبست ڪيو ويو. ٽريفڪ پوليس طرفان متبادل رستن جو انتظام ڪري شهري آمدرفت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي عزادارن جو چوڻ هو ته واقعو ڪربلا صرف هڪ تاريخي واقعو نه پر ظلم، جبر ۽ ناانصافي خلاف حق جي جدوجهد جو دائمي پيغام آهي. هنن چيو ته حضرت امام حسينؑ ۽ سندن ساٿين جون قربانيون رهندي دنيا تائين انسانيت، سچائي ۽ انصاف لاءِ مشعلِ راهه بڻيل رهنديون. 7 محرم الحرام جا ماتمي جلوس، مجلسون، نياز ۽ سبيلون رات دير تائين جاري رهيون، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ عزاداري جون سرگرميون وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي. سڄي علائقي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي جي فضا برقرار رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشن حديد يا حسين عه جي
0 تبصرے