English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو ڌرڻو
177 views
|
22nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
اميدوارن جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ٿرپارڪر SPD01 پوليس ڪانسٽيبل جي نوڪري لاءِ فزيڪل ٽيسٽ، لکت واري امتحان ۽ انٽرويو وارو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف الله والا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، احتجاج ڪندڙ نوجوانن رجب منڱريو، غلام مرتضيٰ پلي، محمد آدم مهر، وقاص ڪنڀر، راحیل طاهر آرائين، جمال چوپاڻ، مرتضيٰ منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مطالبو ڪيو ته ڪامياب اميدوارن کي فوري طور آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، مظاهرين جو چوڻ هو ته هڪ سال اڳ پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتي لاءِ لکت واري ۽ جسماني ٽيسٽ پاس ڪئي، جڏهن ته انٽرويو وارو مرحلو پڻ مڪمل ڪيو ويو، پر ان باوجود اڃان تائين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب نوجوان سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته ڀرتي واري عمل ۾ غير ضروري دير سبب ڪيترائي اميدوار ذهني دٻاءَ ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، حڪومت سنڌ، وزير قانون ۽ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي ڪامياب اميدوارن کي جلد کان جلد آفر آرڊر جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، احتجاج دوران الله والا چوڪ بند ٿيڻ سبب ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ معطل رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ ٽيس
0 تبصرے