عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي وھرو بائي پاس تي رڪشا ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور محمد خان منڱريو فوت ٿي ويو، حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوتي رڪشا ڊرائيور جو تعلق کپرو شهر سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ڏھاڙي تي رڪشو ھلائيندو ھو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، پوليس حادثي بابت وڌيڪَ جاچ ڪري رهي آهي.
0 تبصرے