سسئي پليجو ٻڍو ٽالپر لڳ ڳوٺ ڪمال جت پھچي پ پ اڳواڻ ربڏني جت جي وارثن سان تعزيت ڪئي
سجاول (گلشيرميربحر ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينٽر سسئي پليجو ٻڍو ٽالپر لڳ ڳوٺ ڪمال جت پھچي پيپلزپارٽي ڪلچر ونگ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل شھيد ربڏني جت جي وارثن سان تعزيت ڪئي سندس بيدردي سان وچ شھر ۾ ٽارگيٽ ڪري کيس گولين کاڄ بنائڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ گھري ڏک جو اظھار ڪيو ان موقعي سسئي پليجو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته شھيد ربڏنو جت پارٽي سان ڪميٽيڊ بھادر ورڪر ۽ وفادار ساٿي ھو. ھو مشرف جي آمريتي دور ۾ پارٽي سان ثابت قدم ٿئي بيٺو رھيو ھتان جي ڀورتاڪي سسٽم جو اک جو ڪنڊو بڻيل رھيو ھن جو چوڻ ھو ته شھيد ربڏني جا قاتل فوري گرفتار ٿيڻ گھرجن ٺٽي ۽ سجاول ۾ منشيات فروش ايترا طاقتور ٿي ويا آھن جيڪي سرعام سياسي ڪارڪنن کي ائين قتل ڪري ٿا ڇڏين پوليس انھن جي خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي ڪرڻ لا تيار ناھي ھون تہ ٻيا معاملا ڪئين به ھجن پر ائين پارٽي جا وفادار سچا ورڪر ائين بي يارو مددگار ڪري وچ شھر ۾ قتل ڪيا وڃن جتي زندگي ۽ موت جو سوال ھجي تنھن تي ھرگز خاموش نه رھڻ گھرجي ھن قسم جا عمل ھرگز برداشت نٿا ڪري سگھجن فوري طور تي ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي سجاول کي جوابدارن کي گرفتار ڪري شھيد ربڏني جت جي خون سان انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے