انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران ميڊيا پرسن ٽريننگ جو ٻئي ڏينهن به ورڪشاپ

مختلف سيشنز ۾ تجربو رکندڙ صحافي ۽ ماس ڪميونيڪيشن جا شاگردن حصو ورتو

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران ميڊيا پرسن ٽريننگ جو ٻئي ڏينهن به ورڪشاپ

ڪراچي(رپورٽر)انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي ريجنل دعوھ سينٽر احسن آباد گلشن معمار ۾ ٽن ڏينهن واري ميڊيا پرسن ٽريننگ جو ٻئي ڏينهن به ورڪشاپ جون ڪلاسون معمول مطابق مختلف سيشين ٿي گذريا جنهن ۾ تجربو رکندڙ صحافي ۽ ماس ڪميونيڪيشن جا شاگردن حصو ورتو پروگرام جي شروعات قرآن تلاوت سان ٿي جنهن کانپوء مختلف سيشين ٿيا ان ۾ ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جي موضوع تي تفصيلي ليڪچرير ناليوارو ميڊيا ڪميونيڪيشن سان واسطو رکندڙ پروفيسر سليم مغل تفصيلي ڳالهه ٻولھ ڪندي موضوع تي ڳالھندي چوڻ ھو ته ھاڻي پروپيگنڊا جا طور طريقا تبديل ٿي ويا آهن ھاڻي مختلف نالن سان ڀيٽ ڪن ٿا ان ۾ سائيڪوپس ۽ ٻين نالن سان ڀيٽ ڪن ٿا پروپيگنڊا جا پنج قسم ٿين ٿا ان ۾ سياسي پروپيگنڊا عسڪري پروپيگنڊا آشتھار پروپيگنڊا ۽ ٻه ٻيا آهن ميڊيا پروپيگنڊا سان ھاريل جنگ کٽي وڃن ٿا مذھبي بنياد تي ڪا به نئي آلات تيار نه ڪري سگھيا پر شروعاتي وقت ۾ مائڪرو فون ريڊيو ٽي وي تي مخالف فتوي جاري ڪيون ويو ايتري قدر ٽي وي کي چڪلا رکڻ برابر قرار ڏنو سوشل ميڊيا جي آچڻ کانپوء آخلاقيات جو جنازو نڪري ويو آهي روس جي انقلاب کانپوء سرمايندارن ۽ پورھيتن وچ ۾ به ھڪٻئي مٿان پروپيگنڊا جو سلسلو جاري رھيو ان کانپوء ھن ٽول ۾ الزامن ۾ واڌارو آيو صحافتي اقدار ۽ اسان جا رويا بابت تسنيم الحق فاروقي روشني وڌي ان ليڪچرير ڏيندي جديد ٽول Chat GPT ۽ AI تي تفصيلي روشني وڌي ھنن کانسوء مستقبل ۾ صحافت زندھ نه رھي سگھندي صحافت جو بنياد سچ جي تلاش ۽ ھن وقت سڀ کان وڏيون يونيورسٽيون YouTub ۽ Google آهن جيڪا دنيا جو مواد حاصل ڪري سگهجي ٿو سيرت ۽ صحافت تي ڊاڪٽر سيد عزيز الرحمن ڳالھايو حرمت قلم ۽ ان جا ذميواريون بابت فيصل شھزاد روشني وڌي حرمت بابت ٻڌايندي چيو ته حرمت معنيٰ احترام ڪرائڻ آهي ھن سيمينار ورڪشاپ ۾ سکيا وٺندڙ ۾ عبدالجبار چانگ.محمد اظھر رند.سجاد علي آرائين عبدالولي ابوبڪر دانش راھول ڪمار ۽ ٻيا شامل ھئا.