صوبائي وزير علي حسن زرداري ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

آبپاشي کاتي جي عملدارن جو اهم اعليٰ سطحي اجلاس محسن هائوس تي طلب ڪيو ويو

صوبائي وزير علي حسن زرداري ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي کوٽ جو  نوٽيس وٺي ڇڏيو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ضلعو ٺٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو صوبائي وزير علي حسن زرداري سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي اعليٰ عملدارن جو هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس محسن هائوس ٺٽو ۾ طلب ڪيو، جيڪو ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي نگراني ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايندڙ هفتي پاڻي جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ سامونڊي پٽي جي آخري علائقن تائين پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ خاص طور تي سامونڊي پٽي جي پوئتي پيل علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج رياض شاهه، چيئرمين ضلعي ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنھور، پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ٽائون ڪميٽي گهارو جا چيئرمين جام احسان جوکيو، پيپلزپارٽي تعلقه صدر ساڪرو مشتاق بگهياڙ، ممتاز جلباڻي ۽ ٻيون شخصيتون شريڪ ٿيون. اجلاس ۾ سامونڊي پٽي جي علائقن گهوڙا ٻاري، ساڪرو، بگهان، ڪيٽي بندر ۽ گاڙهو جي ننڍن وڏن آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، پوئتي پيل علائقن تائين پاڻي جي وقت سر فراهمي ۽ آبادگارن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي سردار ملڪ رمضان ملڪاڻي، مشتاق بگهياڙ، حسن علي زنگياڻي، عامر هديه، علي گوهر شاهه قدوساڻي، شير خان چانڊيو، خان محمد هديه، امير بخش مولی پوٽو، علي بخش مري، يار محمد لاشاري سميت ضلع ٺٽي جا ڪيترائي آبادگار پڻ موجود هئا.