رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي مبينا قبضي خلاف بک هڙتالي ڪيمپ قائم

جساف شھيد بشير خان پاران عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي

رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي مبينا قبضي خلاف بک هڙتالي ڪيمپ قائم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي ايس ايس يو پوليس جي مبينا قبضي خلاف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) شهيد بشير خان ضلعي ملير جي سڏ تي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ جساف جي ڪارڪنن، شاگردن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بک هڙتال ۾ شريڪ ڪارڪن ۽ شاگرد سڄو ڏينهن ڪاليج تي قبضي خلاف نعريبازي ڪندا رهيا ان موقعي تي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جساف شھيد بشير خان ضلعي ملير جي صدر وهاب گبول، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) شھيد بشير خان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذيشان مڱريو، جساف مرڪزي اڳواڻ عزدار چانڊيو، اشرف ڪلهوڙو، ڀورل گبول جساف ضلعي اڳواڻ ساقب سنڌي نعمان ٽڳر ۽ ٻين چيو ته رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سنڌ جي نوجوانن لاءِ فني ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جو اهم ادارو آهي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان اداري تي مبينا طور قبضي سبب تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري هزارين شاگرد فني تعليم جي حق کان محروم ٿي رهيا آهن مقررن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي تعليمي ادارن جي کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ تعليمي ادارن کي سندن اصل مقصدن بدران ٻين استعمالن لاءِ رکڻ نوجوان نسل سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تان فوري طور مبينا قبضو ختم ڪري اداري کي مڪمل طور تي تعليمي مقصدن لاءِ بحال ڪيو وڃي ته جيئن علائقي جا شاگرد ۽ نوجوان پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تعليم هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪڏهن اداري جي بحالي لاءِ سندن جائز مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو هنن سنڌ حڪومت، لاڳاپيل اختيارين ۽ تعليمي کاتن کان مطالبو ڪيو ته رزاق آباد مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج جي بحالي لاءِ فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن.