English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج
198 views
|
14th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
2مهينا اڳ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، جوابدار ڌر رات جو گهر تي حملو ڪيو: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو): شاھ لطيف ٽائون ۾ ٻه مهينا اڳ گهر اندر قتل ٿيل نوجوان نوردين ممداڻي جي وارثن اڪرم ممداڻي، محمد علي ممداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهر تي مبينا حملي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٻه مهينا اڳ شاھ لطيف ٽائون جي علائقي 31-سي ۾ جوابدارن سندن گهر اندر داخل ٿي نوردين ممداڻي کي قتل ڪيو هو هنن الزام هنيو ته جڏهن قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بااثر لينڊ گريبر حبيب راڄپر ۽ سجاد جوڻيجو جي چوڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي رهي جڏهن ته وڏي ڪوششن کانپوءِ چار ڏينهن دير سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هنن چيو ته هاڻي ثابت ٿي ويو آهي ته نوردين ممداڻي جي قتل ۾ حبيب راڄپر ۽ سجاد جوڻيجو ملوث آهن احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته گذريل رات ٽين وڳي حبيب راڄپر ۽ سجاد جوڻيجو پنهنجي ساٿين سان گڏ سندن گهر تي ٻيھر حملو ڪيو جنهن دوران پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻن جوابدارن، اصغر شر ۽ هڪ اڻڄاتل شخص کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو جڏهن ته حبيب راڄپر ۽ سندس ٻيا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران فريادي ڌر جي ٽن ڄڻن ھدايت الله، حضور بخش، فھد علي ۽ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن خلاف جڙتو ايف آءِ آر داخل ڪري قانون ۽ انصاف جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ھنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي نوردين ممداڻي جي قتل ڪيس ۾ حبيب راڄپر ۽ سجاد جوڻيجو کي شامل ڪيو وڃي ۽ فريادي ڌر خلاف داخل ڪيل جڙتو ايف آءِ آر ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ قتل
0 تبصرے