ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن جي پارٽي اڳواڻ خير محمد مگسي سان ملاقات

ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن جي پارٽي اڳواڻ خير محمد مگسي سان ملاقات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي اڳواڻن پاران ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري خير محمد مگسي سان سندس رهائشگاهه گلشن حديد ۾ ملاقات ڪئي وئي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن خير محمد مگسي جي تازو آپريشن کان پوءِ سندس عيادت ۽ خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن سندس گهر پهتا وفد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ڊويزنل صدر قادر چني، اعجاز سامٽيو، رشيد سڌايو، ولي ناريجو، قادر سومرو ۽ خليل احمد گاڏهي شامل هئا ان موقعي تي اڳواڻن خير محمد مگسي جي طبيعت بابت تفصيلي حال احوال ورتو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔پارٽي اڳواڻن دعا گهري ته رب پاڪ خير محمد مگسي کي مڪمل صحت عطا فرمائي ۽ هو جلد پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرمين ڏانهن موٽي اچي ملاقات دوران پارٽي جي تنظيمي معاملن ڪراچي ڊويزن جي سرگرمين ۽ ايندڙ سياسي حڪمت عملي بابت به مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آخر ۾ وفد خير محمد مگسي جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي۔