ملاقات دوران ضلعي خيرپور ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ
ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد جاويد علي شاهه جيلاني سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي سنڌ) جاويد عالم اوڍو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ضلعي خيرپور سميت تعلقي ڪنگري، گمبٽ ۽ صوڀوديرو ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ علائقي اندر امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، ڏوهاري سرگرمين جي روڪٿام، پوليس جي ڪارڪردگي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. سيد جاويد علي شاهه جيلاني آءِ جي سنڌ کي پنهنجي تڪ جي عوام کي درپيش مسئلن ۽ امن امان بابت خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ علائقي ۾ وڌيڪ موثر پوليسنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.ان موقعي تي سيد جاويد علي شاهه جيلاني سان گڏ سندس فرزند ڊاڪٽر سيد اميد علي شاهه جيلاني پڻ موجود هو، جنهن علائقي جي عوامي مسئلن ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ضلعي خيرپور سميت ٻين علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا ويندا.بعد ۾ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني ۽ ڊاڪٽر سيد اميد علي شاهه جيلاني ڊي آءِ جي ڪيپٽن پرويز احمد چانڊيو سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال، پوليس کي درپيش چئلينجن ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ عوامي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ امن امان جي بهتر صورتحال لاءِ گڏيل ڪوششن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس اختيارين عوامي مسئلن جي حل ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي عزم جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے