ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي لانڍي زون ويجهو هڪ ڪمپني اندر وڻ ڪرڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو تفصيل موجب 17 ورهين جو نوجوان ريحان پٽ ثناءُالله ڪمپني جي حدن اندر موجود هو ته اوچتو هڪ وڏو وڻ ڪري پيو، جنهن جي هيٺان اچي هو سخت زخمي ٿي پيو. واقعي کان پوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پي هن رستي م ئي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو فوتي نوجوان جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي جي حوالي سان وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي
0 تبصرے