پيپلز پارٽي ٻارن خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: پ پ ايم پي اي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو آهي ته تعليم انسان جو بنيادي حق آھي، کين ڪنھن بہ صورت ۾ علم جي روشني کان محروم نه ٿو رکي سگھجي، پيپلز پارٽي ٻارن خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، جنھن سبب سنڌ جا نوجوان ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ڏوڪري جي گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول جي دوري بعد ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻيندي جديد نظام متعارف ڪرايا، جنھن سبب اسڪولن ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي بھتر ماحول ۾ تعليم ۽ سکيا ڏني پئي وڃي. ھن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي سمنڊ آھي، جنھن کي ڪنھن بہ اتحاد ۽ موسمي پارٽين ذريعي شڪست نه ٿي ڏئي سگھجي، ايندڙ اليڪشن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پي سڄي ملڪ ۾ ڪلين سوئيپ ڪري صوبن سميت وفاقي حڪومت جوڙيندي. ان موقعي تي پرنسپال سڪندر عباسي، ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، سعيد ھليو، امتياز جتوئي، علي حسن ساريو، حبيب الله کوکر، صحبت جسڪاڻي، وقاص پٺاڻ، غلام قادر ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ٻوٽو پوکيو ء اسڪول جي مختلف شعبن ء ڪلاس رومن جو معائنو ڪيو ۽ اسڪول انتظاميا کي ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي.
0 تبصرے