مقتول نور محمد ڦلپوٽو ۽ ناري عليشبا جي وارثن عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بلاول ڪالوني ۾ 9 مهينا اڳ پيش آيل قتل، اغوا ۽ زنا جي واقعن ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول نور محمد ڦلپوٽو ۽ ناري عليشبا جي وارثن عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو احتجاج جي اڳواڻي مقتول جو ڀاءُ شاھنواز ڦلپوٽو، عطا محمد ڦلپوٽو، خادم حسين ڦلپوٽو، عبدالقادر ڦلپوٽو ٻيا ڪري رهيا ھئا مظاھرين ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جولاءِ 2025ع ۾ سندن نوجوان نور محمد ڦلپوٽو گهران ڪم سانگي نڪتو هو جيڪو واپس نه وريو هنن ٻڌايو ته چار ڏينهن جي ڳولا بعد نور محمد جو لاش ڇيپارضاڪارن وٽان مليو جنهن بعد قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري مقتول جي تدفين اباڻي ڳوٺ ڪئي وئي مظاهرين الزام هنيو ته مقتول جي قتل ۾ نامزد جوابدار حسين لغاري، اي ايس آء نادر لغاري ، عارف لغاري ۽ سرفراز ميراڻي هڪ هفتي بعد سندن گهر تي حملو ڪري نياڻي عليشبا کي اغوا ڪري ويا ۽ کيس زوري زنا جو نشانو بڻايو ڄاڻايل واقعي جو ڪيس عوامي ڪالوني ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، جڏهن ته نياڻي بعد ۾ بلوچستان جي علائقي اوستا محمد مان برآمد ٿي ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ به زنا جي تصديق ٿي چڪي آهي ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي هنن چيو ته سندن خاندان سان وڏو ظلم ٿيو آهي هڪ طرف سندن نوجوان نور محمد ڦلپوٽو کي قتل ڪيو ويو م ٻي طرف گهر تي حملو ڪري نياڻي عليشبا کي اغوا ڪري زوري زنا جو نشانو بڻايو ويو هنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو...
0 تبصرے